آسودا رام سنت

آسودا رام سنت

آسودارام سَنت

آسودارام ، سَنت: مشهور رشي ۽ سنت آسودا رام صاحب جنهن کي سنڌ ۽ هند ۾ ’سخي بابا ‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ جنهن جي نالي تي لکنؤ ڀارت ۾ هڪ وڏو آشرم به آهي ۽ پني عاقل شهر ۾ هڪ آستان ۽ سخي بابا جنرل اسپتال به قائم آهي . سنت آسودارام ضلعي سکر جي تعلقي پنوعاقل ۾ 1895ع ڌاري ڳوٺ عالم خان جتوئيءَ ۾ ڄائو . سندس والد جو نالو لڌڙو مل هو . ننڍي هوندي کان ئي تنهائي پسند هو ۽ هر وقت ڌڻيءَ جي ذڪر فڪر ۾ گذاريندو هو ، کيس ننڍي هوندي ئي سندس والد پنهنجي مرشد سنت سترام داس وٽ ڇڏي آيو ، جتي 13 سال رهيو ۽ اتي گانئن ( ڳَئُن ) جي خدمت ڪيائين . بعد ۾ مرشد جي حڪم تي موٽي ڳوٺ آيو . 1940ع ۾ مرشدن جي حڪم سان پني عاقل ۾ آستان جي اڏاوت ڪرايائين ۽ 1942ع ۾ اڏاوت مڪمل ڪري اتي رهائش اختيار ڪيائين ، جتي پري پري کان حاجت مند اچي حاضريون ڀري ۽ من جون مرادون حاصل ڪرڻ لڳا . سنت آسودارام صاحب 4 سيپٽمبر 1960ع ۾ 64 ورهين جي عمر ۾ پرلوڪ پڌاريو ۽ ان آستان ۾ ئي سندس سماڌي ٺاهي وئي ، جتي هند سنڌ کان سندس عقيدتمند اچي مٿو ٽيڪيندا آهن . آسودارام درٻار پني عاقل ۾ هر سال ميلو به لڳندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1895.00.00  عيسوي

سنت آسودارام ضلعي سکر جي تعلقي پنوعاقل ۾ 1895ع ڌاري ڳوٺ عالم خان جتوئيءَ ۾ ڄائو


1960.09.04  عيسوي

سنت آسودارام صاحب 4 سيپٽمبر 1960ع ۾ 64 ورهين جي عمر ۾ پرلوڪ پڌاريو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانبهار احمد خان ڀٽو
اڪبر لغاري
جادم مڱريو
شهڪ ڏاڏو
پير رکيل ريلائي
عالم خان مري
ڄام آري:
تنيو نذير احمد
رحيم بخش بدوي
شريف الملڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون